حسين احمد مدني مولانا

حسين احمد مدني، مولانا: مولانا سيد حسين احمد مدنيءَ جو شمار ننڍي کنڊ جي انهن آزادي پسند عالمن ۾ ٿئي ٿو، جن زندگيءَ جو وڏو حصو انگريز سامراج خلاف جدوجهد ڪندي گذاريو. سيد حسين احمد جو ٻانگ جو نالو چراغ محمد هو. هن 19 شوال 1296هه مطابق 6 آڪٽوبر1879ع ۾ هندستان جي ڳوٺ بانگرمؤ ضلعي اناؤ ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو سيد حبيب الله حسيني هو. سندس وڏا اصل ۾ ڳوٺ الهداد پور تعلقي ٽانڊه، ضلعي فيض آباد جا رهاڪو هئا. سندس والد سيد حبيب الله مولانا فضل الرحمان گنج مراد آباديءَ جو خليفو هو. سيد حسين احمد ٻارهن سالن جي عمر ۾ 1891ع ۾ حضرت شيخ الهند مولانا محمود الحسن وٽ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو ۽ ستن سالن جي عرصي ۾ سمورن روايتي علمن جي تحصيل ڪري، مولانا رشيد احمد گنگوهيءَ جي هٿ تي بيعت ڪيائين. 1898ع ۾ سندس والد اهل عيال سميت مستقل طور هجرت ڪري بيت الله شريف وڃڻ جو ارادو ڪيو ته حجاز تائين سيد حسين احمد ساڻن گڏ ويو. مولانا رشيد احمد گنگوهيءَ جي هدايت تي حاجي امداد الله مهاجر مڪي وٽ وڃي سلوڪ جا مرحلا طئي ڪيائين. ڪجهه مهينن بعد مديني شريف ويو. حرم پاڪ ۾ صخاح سته، تفصير ۽ فقهه جي تعليم ڏنائين، جنهن سبب سندس شهرت عرب کان ٻاهر ٻين ملڪن تائين ٿي، جتيشيخ الحرم‘ جي لقب سان مشهور ٿيو. اٺ سال سعودي عرب ۾ رهڻ کان پوءِ 1908ع ۾ ٻيهر هندستان موٽي آيو، جتي ٽن سالن تائين رهي ديوبند سميت ٻين جاين تي ڪامياب مذهبي اجتماع ۽ جلسا ڪيائين.
1916ع ۾ جيئن ئي برصغير ۾ آزاديءَ جي تحريڪ زور ورتو ته هيءُ هندستان مان حجاز ويو. ان ئي سال حج ڪري مديني منوره ويو. ڪجهه عرصي کانپوءِ عربستان ۾ شهزادي شريف بغاوت ڪئي، نتيجي ۾ سندس ڪيترائي حمايتي عالم گرفتار ڪيا ويا جن ۾ هن کي به قيد ۾ رهڻو پيو ۽ پوءِ مالٽا واري جيل مان آزاد ٿيو، سندس والد مولانا حبيب الله حسيني ۽ ڀائرن کي ترڪي حڪومت گرفتار ڪري ’ايڊريالو پل‘ پهچايو، جتي سندن والد وفات ڪئي. پاڻ شيخ الهند سان وڃي مليو، جنهن کيس خلافت اسلاميه جي بقا ۽ تحفظ لاءِ هندستان ۾ جدوجهد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جنهن کانپوءِ هيءُ هندستان موٽي آيو جتي وطن جي آزادي ۽ تحريڪ خلافت ۾ دل و جان سان ڪم ڪيائين. ڪجهه عرصي بعد کيس سياسي سرگرمين سبب ڪراچي مان گرفتار ڪري 2 سال قيد ۾ رکيو ويو. ٻن سالن بعد ڪراچي مان آزاد ٿي ديوبند پهتو. ڪراچي جيل ۾ مولانا محمد علي جوهر کي قرآن شريف جو ترجمو پڙهايائين. پاڻ ڇهن سالن تائين سهلٽ (بنگال) ۾ جامعه اسلاميه ۾ شيخ الحديث جي حيثيت ۾ رهيو، جتي تدريس کان سواءِ تبليغ به ڪيائين. سهلٽ ۾ ٿوري ئي عرصي ۾اسلامي انقلاب آندائين. ڪيترائي ماڻهو سندس معتقد ٿيا. واپس ديوبند اچڻ کانپوءِ به هر سال رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ سهلٽ ويندو هو ۽ اتي رهي دين جي پرچار ڪندو هو. هن ڪيترائي حج ڪيا. سياسي طور ڪانگريس سان به سندس واسطو رهيو ۽ برصغير هند ۾ هندو مسلم اتحاد پيدا ڪرڻ سميت انگريزن جي تسلط جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪيائين ۽ ورهاڱي دوران ٿيل فسادن ۾ ماڻهن جي بچاءَ لاءِ بنا ڪنهن فرق جي خدمت ڪيائين. هن ڊسمبر 1957ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1979.10.06  عيسوي

سيد حسين احمد جو ٻانگ جو نالو چراغ محمد هو. هن 19 شوال 1296هه مطابق 6 آڪٽوبر1879ع ۾ هندستان جي ڳوٺ بانگرمؤ ضلعي اناؤ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بخش علي لاکو
عرض محمد ڪانڌڙو حڪيم
جمعو فقير 2
بابل خان جکراڻي
الهداد جهنجهي
رهيجا تولارام ڪنئيها لال
حافظ رفيق احمد انڍڙ
زيب النساء ملاح
چانگ ساجن
دارو جي راجا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون